44

وفاقي بجيٽ تي اهم سياسي موڙ: پي ٽي آءِ پيپلز پارٽي کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي

 وفاقي بجيٽ جي حوالي سان اهم سياسي موڙ سامهون اچي ويو آهي، پي ٽي آءِ طرفان پيپلز پارٽي کي وڏي آڇ ڪئي وئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف مالي سال 2025-26 جي وفاقي بجيٽ منظوري کي روڪڻ جي حڪمت عملي جي تحت پيپلز پارٽي کي بجيٽ ووٽنگ ۾ حصو نه وٺڻ جي باضابطه آڇ ڪري ڇڏي آهي. انهي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ اپوزيشن جي امڪاني گڏيل حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب ملاقات جي دوران اسد قيصر پيپلز پارٽي جي تازن  بيانن جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي واقعي بجيٽ بائيڪاٽ جي حوالي سان سنجيده آهي ته پي ٽي آءِ انهي قدم ۾ سندس ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هن واضح ڪيو ته بجيٽ جهڙي اهم قومي معاملي تي اپوزيشن پارٽين جو گڏ ٿيڻ سان حڪومت تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. انهي موقعي تي راجا پرويز اشرف اسد قيصر کي يقين ڏياريو آهي ته هو پي ٽي آءِ جي انهي آڇ کي پارٽي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سامهون رکندو. هن ٻڌايو ته بلاول ڀٽو اڄ پارليامينٽ اچي رهيو آهي ساڻس انهي معاملي تي صلاح مشورو ڪيو ويندو. ياد رهي ته اها ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن وفاقي بجيٽ تي ايوان ۾ بحث جاري آهي ۽ مختلف اپوزيشن پارٽين طرفان تنقيد جو سلسلو تيز ٿي چڪو آهي. پيپلز پارٽي طرفان بجيٽ تي حتمي موقف سامهون اچڻ باقي آهي پر پي ٽي آءِ طرفان پ پ کي ڪيل آڇ سياسي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو