38

ٺڪراٺو: يوسي چيئرمين خلاف احتجاج، ملازم شفي محمد ڀٽي چار مهينن کان پگهار نه ملڻ تي سراپا فرياد

ٺڪراٺو ۾ يوسي مبارڪپور جي ملازم شفي محمد ڀٽي پريس ڪلب پھچي چئن مھينن کان بند پيل پگھار نه ملڻ تي چيئرمين خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙ يوسي ملازم شفي محمد ڀٽي دانھيندي الزام ھنيو ته يوسي مبارڪپور جو چيئرمين امام بخش مھتم جنھن منھنجي بناجواز چئن مھينن کان پگھار بند ڪري ڇڏي آھي چئن مھينن کان پگھار نه ملڻ سبب ٻارڙن سميت فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيان احتجاج ڪندڙ ملازم وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته يوسي مبارڪپور جو چيئرمين جيڪو ايندڙ بجيٽ مان ھر مھيني 8 لک روپيا ڪرپشن ڪري رھيو آھي جنھن خلاف ڪرپشن ۽ بناجواز پگھار بند ڪرڻ خلاف ڪورٽ سڳوري ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪندس يوسي ملازم ريجنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سکر کان مطالبو ڪيو ته بند پيل پگھار ڏياري پريشاني کان بچايو وڃي ٻي پاسي يوسي چيئرمين امام بخش مھتم رابطي تي ٻڌايو ته ملازم طرفان پگھار بند ڪرڻ وارا الزام بي بنياد آھن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو