ٺڪراٺو : ۾ زراعت کاتي جي ٽيم ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل رسول بخش جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ بنا لائيسنس جي ھلندڙ پيسٽي سائيڊ دڪان تي ڇاپو ھنيو آھي جتي جعلي ڪمپني جو بي او پي ڀاڻ ھٿ ڪيو ويو ڪارروائي دوران ڊيلر دلبر سوڍڙو کي گرفتار ڪرائي پوليس حوالي ڪيو ويو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ٺڪراٺو خانپور مھر روڊ تي قائم بنا لائيسنس ھلندڙ پيسٽي سائيڊ دڪان تي ٽيم سميت ڇاپو ھنيو جتي وڏي مقدار ۾ جعلي ڪمپني جو بي او پي ڀاڻ ھٿ ڪيو ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل رسول بخش جوڻيجو ڳالھائيندي چيو ته ٺڪراٺو ۾ بنا لائيسنس جي ڪيترائي دڪان ھلي رھيا آھن جتي ڊيلر جعلي ڪمپنين جو ڀاڻ ۽ دوائون وڪرو ڪري زراعت کي تباھ ڪري رھيا آھن جنھن سبب ھاري سخت پريشان آھن عوامي شڪايتن کانپو۽ ٺڪراٺو شھر پھچي بنا لائيسنس ھلندڙ دڪان سيل ڪيو آھي ۽ ڊيلر دلبر سوڍڙو کي پوليس کان گرفتار ڪرايو آھي جنھن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويندو ھن چيو ته ڇاپن جو ٻڌي ڪيترائي ڊيلر دڪان بند ڪري فرار ٿي ويا اھڙيون ڪارروايون جاري رکيون وينديون.
