64

پشاور ۽ اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جا آپريشن، 5 خوارج مارجي ويا

سيڪيورٽي فورسز 15 ۽ 16 جون جي دوران پشاور ۽ اتر وزيرستان ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه خوارج جي خلاف 2 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا جنهن جي دوران 5 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي پشاور ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن جي دوران سيڪيورٽي اهلڪارن جي موثر ڪارروائي ۾ 4 هندستاني حمايت يافته خوارج مارجي ويا جن ۾ خارجي حارث ۽ خارجي بصير به شامل آهن. پاڪ فوج جي ترجمان موجب اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ هڪ ٻئي آپريشن جي نتيجي ۾ وڌيڪ هڪ خارجي مارجي ويو. آپريشن جي دوران مارجي ويل خوارج کان هٿيار، گوليون ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو آهي، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. بيان ۾ ُڌيڪ چيو ته ويو ته علائقي ۾ به ڪنهن به امڪاني هندستان سپانسرڊ خارجي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن به ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان هندستاني سپانسرڊ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف زرداري ڪامياب ڪارروائي جي دوران 5 خوارج مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري جي تعريف ڪئي ۽ ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي ارادن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. سموري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي پيشوارانه مهارت جي بدولت اسان ملڪ مان دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪنداسين، انسانيت جي دشمن دهشتگردن کي معصوم ۽ هٿين خالي شهرين جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وجهڻ جي انتهائي سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فروسز وقت تي آپريشن ڪري 5 ڀارتي سپانسرڊ دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن کي سلام پيش ڪريون ٿا. محسن نقوي چيو ته بهادر سيڪيورٽي فورسز تي پاڪستان کي فخر آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو