پنجاب جي ناڻي واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان صوبي جو ايندڙ مالي سال 26-2025 جي لاءِ 5335 ارب روپين جو بجيٽ پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير جي دوران اپوزيشن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو، اپوزيشن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر ۽ ناڻي واري وزير تي اڇلائي ڇڏيون، اپوزيشن اسپيڪر ڊائس جو گهيراءُ پڻ ڪيو. ناڻي واري وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته گذريل مالي سال جيان هي بجيٽ به ٽيڪس فري آهي، ڀارت جي خلاف پاڪستان جي عظيم فتح تي وزيراعظم ۽ پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريان ٿو. فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، سموري قوم ڀارت جي جارحيت خلاف سرخرو ٿي. هن پوليس، ريسڪيو 1122 ۽ سمورن کاتن کي گڏ ڪرڻ تي وزيراعليٰ مريم نواز جي صلاحيتن کي به سلام پيش ڪيو. هن اهو به چيو ته اسرائيلي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. پاڙيسري ملڪ ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، مشڪل جي هن وقت ۾ ايران ۽ فلسطين جي عوام سان گڏ آهيون. مجتبيٰ شجاع الرحمان ايوان کي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت نوازشريف جي رهنمائي تي هلي رهي آهي، وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب کي ترقي جي مثال بنائي ڇڏيو آهي. رمضان ۾ عوام جي گهرن تائين نگهبان پيڪيج پهچايو ويو. غريب جي مٿي تي پنهنجي ڇت، نوجوانن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن. تقرير جاري رکندي هن چيو ته ٻارن ۽ ٻارڙين کي اسڪوٽيز ملي رهيون آهن. نوجوانن لاءِ راندين جا ميدان آباد ٿي ويا آهن، ٻارن کي اسڪولن ۾ جديد معياري تعليم ۽ کير ملي رهيو آهي، پنجاب ۾ وائي فائي عام آهي، ترقي ماڻيندڙ پنجاب تيزي سان اڀري رهيو آهي. هن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي ٻڌايو ته مالي سال 2024-25 جو بجيٽ تاريخ ساز منصوبن سان ڀريل ڪامياب بجيٽ هو، 10 ارب روپين جي لاڳت سان وزيراعليٰ ليپ ٽاپس اسڪيم جاري ڪئي، 3500 کان وڌيڪ سرڪاري اسڪولن ۾ 4 لک ٻارن جي غذائي نشوونما ٿي، 55 هزار ٻارن کي اسڪالر شپ پروگرام جي تحت وظيفا ڏنا ويا. هن اهو به ٻڌايو ته 72 ارب روپين جي لاڳت سان لاهور ۾ نوازشريف ڪينسر انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. راولپنڊي، ميانوالي، ملتان ۾ 11 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان 2 ايئر ايمبولينسز هلايون ويون، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 7 موٽر ويز تي ايئر ايمبولينس سروس هلي رهيون آهن. پنجاب ۾ 2 هزار مريضن جو هارٽ سرجري جو علاج ٿيو. گائني مريض جي دوائن جون گهر گهر فراهمي لاءِ 56 ارب روپيه رکيا ويا آهن. ٻئي پاسي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينه جو 27هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي ڪابينه نئين مالي سال 26-2025 جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف بجيٽ دستاويزن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. مريم نواز صوبائي ڪابينه جي 27هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هڪ روپيو به عوام جي امانت آهي، الله تعاليٰ جي سامهون جوابده آهيون، زيرو ٽيڪس ۽ سڀني کان وڏو ڊوالپمينٽ بجيٽ آهي. ٻئي طرف پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته پنجاب جو بجيٽ گڏيل حجم 5335 ارب روپيه آهي. بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه پيو لڳايو وڃي. ڪنهن به ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ پنجاب جي ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جو روڊ ميپ به ڏنو ويو آهي، هڪ سال جي دوران خرچ ڪيل هر روپئي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي ويندي.
