44

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رولز تبديلي: جسٽس بابر ستار وقتي چيف جسٽس سميت ٻين ججز کي خط لکي ڇڏيو

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رولز تبديلي واري معاملي تي جسٽس بابر ستار وقتي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سميت ٻين ججز کي خط لکي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ ٻين ججز کي لکيل خط ۾ جسٽس بابر ستار چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رولز 2025 جو گزٽ نوٽيفڪيش مون کي مليو، آئين جي آرٽيڪل 208 جي تحت اٿارٽي وٽ رولز ٺاهڻ جو اختيار آهي ۽ آرٽيڪل 192 موجب اٿارٽي مان مراد چيف جسٽس ۽ هاءِ ڪورٽ جا ججز آهن. جسٽس بابر ستار چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ رولز ۽ آرٽيڪل 208 ۾ ذڪر ڪيل طريقي جي خلاف رولز ۾ تبديلي ڪئي وئي، بنا فل ڪورٽ ميٽنگ رولز تبديلي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، فوري درستگي جي لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جسٽس بابر چيو ته اهو اختيار ٻئي کي نٿو ڏئي سگهجي، نه ڪنهن ٻئي طريقي سان استعمال ٿي سگهي ٿو، طئي ٿيل اصول آهي جنهن قانون جي تحت صوابديدي اختيار مليو اهو قانون ۾ تبديلي کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي نٿو ڏئي سگهجي، لاهور هاءِ ڪورٽ رولز جا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اختيار ڏنا انهن ۾ آرٽيڪل 208 جو اختيار ڪنهن ٻئي کي نه ڏنو ويو. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسلام آناد هاءِ ڪورٽ رولز 2025 ليگل اٿارٽي کان سواءِ آهن ۽ رولز 2025 آرٽيڪل 208 جي ڀڃڪڙي ۾ ٺاهيا ويا آهن، لاهور هاءِ ڪورٽ رولز جيڪي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اختيار ڪيا آهن انهن موجب اها قانون جي ڀڃڪڙي آهي. جسٽس بابر ستار چيو ته غلطي جي درستگي فوري طور تي ٿيڻ گهرجي ڇو ته انهي سان ملازمن جا حق به متاثر ٿيندا، ملازمن جا حق متاثر ٿيڻ کان علاوه به اهو هاءِ ڪورٽ جي لاءِ شرمندگي جو سبب هوندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو