پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٿيل سرحدي ڇڪتاڻ جي باوجود ڀارتي ٽيم ايشيا ڪپ ۾ حصو وٺڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ٽي 20 ورلڊ جي منعقد ٿيڻ کان اڳ پاڪ ڀارت هاءِ وولٽيج مقابلو مداحن کي ڏسڻ لاءِ ملندو ڇو ته ايشيا ڪپ 2025 ۾ روايتي حريف هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ايندا. ايونٽ جي ميزباني متحده عرب امارات(يو اي اي) ڪندو، جڏهن ته ميزباني جي رائٽس ڀارت جي حوالي هوندا، ايشيا ڪپ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ٿيڻو آهي پر انهي حوالي سان ڪوبه باضابطه شيڊول جاري نه ٿي سگهيو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان يا ڀارت ايونٽ مان ڪوبه هٿ کڻي ٿو ته ايونٽ جي ميڊيا رائيٽس(جيڪي 170 ملين ڊالر ۾ وڪرو ٿيا آهن ان تي اثر پوندو) انهي لاءِ ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل(اي سي سي) مبينه طور تي صورتحال کي وڌيڪ ڏکيو نه بنائڻ ۽ ٽورنامينٽ کي غير جانبدار هنڌ تي کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪڏهن ٽورنامينٽ باضابطه طور تي متحده عرب امارات ۾ منتقل ٿيڻو آهي ته اهو چوٿون ڀيرو هوندو ته ملڪ ايونٽ جي ميزباني ڪندو، پهريون ڀيرو يو اي اي ۾ ايشيا ڪپ جي ميزباني جو افتتاحي ايڊيشن 1984 ۾ ٿيڻو هو جنهن کان پوءِ پنجون ۽ 14هون ايڊيشن ترتيب سان 1995 ۽ 2018 ۾ ساڳئي هنڌ تي ٿيو. ياد رهي ته هلندڙ سال ٿيندڙ ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تي کيڏيو ويندو جنهن جو مقصد ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي تياري ڪرڻ آهي.
