پاڪستان سميت 21 مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن طرفان ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي ۽ انهي کي يو اين چارٽر ۽ عالمي قانون جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. پاڪستان سميت 21 مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل پڌرائي ۾ اسرائيل جي ايران تي تازي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته 13 جون کان ايران تي اسرائيلي حملا يو اين چارٽر ۽ عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي. گڏيل پڌرائي ۾ علاقائي خودمختاري، سالميت ۽ پاڙيسري جي اصولن جي احترام تي زور ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتان جي خاتمي ۽ جنگبندي جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو. گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته خطرناڪ ڇڪتاڻ سان خطي ۾ امن، استحڪام کي سنگين خطرا پيش آهن، ايٽمي ۽ ٻين موذي هٿيارن کان پاڪ وچ اوڀر جي قيام جي فوري ضرورت آهي. گڏيل پڌرائي ۾ سمورن ملڪن تي ايٽمي عدم پکيڙ جي معاهدي اين پي ٽي ۾ شموليت تي زور ڏيندي چيو ويو ته آءِ اي اي اي جي نگراني ۾ موجود ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو، عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. پڌرائي ۾ ايراني ايٽمي پروگرام تي پائيدار معاهدي جي لاءِ ڳالهين جي بحالي جو واحد رستو قرار ڏنو ويو. جڏهن ته عالمي آبي گذرگاهن ۾ بحري سيڪيورٽي ۽ آزاد نيويگيشن جي تحفظ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.
