37

ڪجهه بااثر ملڪن پاڪستان کي ايران خلاف (آءِ اي اي اي) جي قرارداد ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو هو:اسحاق ڊار جو انڪشاف

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه بااثر ملڪن پاڪستان کي ايران جي خلاف آءِ اي اي اي جي قرارداد ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو هو. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار اهو انڪشاف ڪيو ته ڪجهه بااثر ملڪن پاڪستان کي ايران جي خلاف انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي(آءِ اي اي اي) جي قرارداد ۾ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ چيو پر پاڪستان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسرائيل خطي ۾ هڪ بدمعاش جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي برادري کي اسرائيل جو هٿ روڪڻو پوندو، ڀارت ۽ اسرائيل جو ڳٺ جوڙ آهي، ڀارت جو ڪردار ڳڻتي جوڳو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو