40

آءِ ايم ايف زراعت تي ٽيڪس نه لڳائڻ جي ڳالهه مڃي ورتي آهي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته زراعت تي ٽيڪس لڳائڻ نه ڏينداسين. وفاقي ڪابينه کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي زراعت هن وقت سخت دٻاءُ ۾ آهي، زراعت تي ٽيڪس نه لڳڻ ڏينداسين ۽ آءِ ايم ايف به پاڪستان جي اها ڳالهه مڃي ورتي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف اسرائيلي حملي کي پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ايران جي کليل جارحيت قرار ڏنو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو