49

ايران اسرائيل جو پنجون ايف 35 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

 اسرائيل سان جنگ جي دوران ايران هڪ ٻيو اسرائيلي ايف 35 جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. ايراني خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب ايران جي دفاعي نظام تبريز تي اڏام ڪندڙ اسرائيلي ايف 35 جنگي جهاز کي ڪاميابي سان نشانو بنائي ڪيرائي ڇڏيو. تازو ايران اسرائيل جنگ جي دوران ايران طرفان هينئر تائين ايراني فضائي حدن ۾ 5 اسرائيلي ايف 35 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف اسرائيلي فوج هينئر تائين ايراني دعوائن جي ترديد ڪندي آئي آهي. جڏهن ته ايران سرحدي ڀڃڪڙي تي هڪ اسرائيلي ڊرون  جهاز به ڪيرائي ڇڏيو آهي جنهن جي ايراني سرڪاري ميڊيا به تصديق ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته انهي کان اڳ ايران جي دعوائن کان پوءِ اسرائيل جي استعمال هيٺ جديد ترين ففٿ جنريشن اسٽيلٿ ايف 35 جهاز ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپني جا شيئر هڪ ڏينهن جي دوران تقريبن 4 سيڪڙو ڪري پيا هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو