سينيٽ جي اجلاس ۾ اسرائيل جي ايران تي حملي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. نائب وزيراعظم اسحآق ڊار چيو ته 21 مسلمان ملڪن اسرائيلي جارحيت جي خلاف گڏيل موقف پيش ڪري ڇڏي آهي، ايران جي سلامتي، خطي ۽ عالم اسلام جي امن سان جڙيل آهي. رپورٽ موجب سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار خيالن جو اطهار ڪندي چيو ته ايران تي اسرائيل جي حملي جي 21 مسلمان ملڪن سخت مذمت ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته مسلمان ملڪن گڏيل پڌرائي جاري ڪندي ايران جي سلامتي خودمختاري ۽ آزادي جي حمايت ڪئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي جارحيت سان سموري خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، جنهن جا سنگين عالمي نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان دنيا ايٽمي هٿيارن سان پاڪ وچ اوڀر ۽ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽر پلوشه خان چيو آهي ته جيڪڏهن ايران کان پوءِ پاڪستان جو نمبر آيو ته اسان خاموش نه رهنداسين. علامه راجه ناصر عباسي چيو ته ايران صرف پنهنجي نه پر سموري عالم اسلام جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هاڻ صرف بيان نه پر عملي مدد ڪرڻي پوندي. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته جيڪڏهن نوازشريف ايٽمي ڌماڪن جو فيصلو نه ڪري ها ته اڄ پاڪستان پريشانين ۾ گهيريل هجي ها سينيٽر افنان الله پاڪستان جي ايٽمي طاقت کي مسلمان دنيا جو دفاعي هٿيار قرار ڏيندي چيو ته اسرائيل مسلمان ملڪن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏينداسين.
