37

ورجينيا: سنڌ جي اڳوڻي صلاحڪار مرحوم حسين بخش سولنگي جي ڏوهٽي عليها ٻرڙو گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪري ورتي

 آمريڪا جي رياست ورجينيا ۾ سنڌ جي اڳوڻي صلاحڪار مرحوم حسين بخش سولنگي جي ڏوهٽي عليها ٻرڙو گريجوئيٽس جي ڊگري حاصل ڪري ورتي. ورجينيا جي ناليواري اسٽافورڊ پبلڪ هائي اسڪول ۾ سنڌ جي شھر سکر سان تعلق رکندڙ شاھد ٻرڙو جي نياڻي ء دادو سان تعلق رکندڙ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار نامياري وڪيل حسين بخش سولنگي جي ڏوھٽي عليها ٻرڙو گريجوئيٽ ڪيو، گريجوئيشن تقريب ۾ شاگردياڻي عليها جي والد شاهد ٻرڙو ۽ والده ڊاڪٽر روبينا سولنگي شريڪ ٿيا. عليها ٻرڙو جي والدين موجب عليھا ٻرڙو ڪلاس پريزيڊنٽ رھي چڪي آهي ۽ هن ايليمينٽري تعليم دوران صدارتي ۽ گورنر ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز حاصل ڪري چڪي آهي،  سنڌي شاگردياڻي عليھا جي امڙ ڊاڪٽر روبينا سولنگي ٻڌايو ته عليھا ھاڻ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ شامل يونيورسٽي آف ورجينيا ۾ پڙھندي. اسان جي نياڻي آمريڪا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪري رهي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو