ايران آپريشن وعده صادق سوم جي تحت اسرائيل تي يارهون ڀيرو ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو سيجل ميزائل جو استعمال ڪيو ويو آهي. ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب تهران طرفان ايران جي شهر تل ابيب ۽ حيفه تي جديد ٽيڪنالوجي سان ٻڌل طاقتور ميزائل سيجل فائر ڪيا ويا آهن جيڪي انتهائي بلندي تي سفر ڪري پوءِ پنهنجي حدف تائين ڪاميابي سان پهچندا آهن. ايران طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سندن طرفان فائر ڪيل هڪ درجن ميزائلن مان ڪجهه ڪاميابي سان پنهنجي حدفن کي نشانو بنايو آهي ايران طرفان ميزائل فائر ٿيڻ ۽ اسرائيلي حدن ۾ ڊرون، راڪيٽ داخل ٿيڻ تي سائرن جا آواز به ٻڌا ويا. ايراني ميزائلن ۽ ڊرونز کي روڪڻ لاءِ اسرائيل جو دفاعي نظام ايڪٽيو ٿيو پر جديد ميزائلن سبب اهو ميزائلن کي پنهنجن حدفن تائين پهچڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام رهيو. ٻئي طرف اسرائيلي فوج تهران ۽ ٻين علائقن ۾ فضائي حملن جي دعويٰ ڪندي ٻڌايو آهي ته هاڻ اسان ميزائل سسٽم ۽ انهن کي ذخيرو ڪندڙ هنڌن کي نشانو بنائينداسين. اسرائيلي ڊفينس فورس چيو آهي ته اڄ رات ٽن مرحلن ۾ حملا ڪيا ويا ۽ انهي جي دوران اهم عسڪري ٺڪاڻن سينٽري فيوجز کي نشانو بنايو ويو. ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته تهران ۾ ٿيل حملي جي دوران ايران جي ڊفينس سسٽم اسرائيل جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو مداخلت ڪري ميزائلن کي فضا ۾ ئي نشانو بنائي ختم ڪيو ويو.
