31

ايران کي اسپتال تي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: نيتن ياهو جي ڌمڪي

 ايران جي تازي ميزائل حملن سب ٿيل تباهي کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته انهي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايراني ميزائلن سروڪا اسپتال ۽ اوڀر اسرائيل ۾ شهري آبادي کي نشانو بنايو. هن چيو ته ايران کي اسپتال تي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ٻئي طرف اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز چيو آهي ته اڄوڪي حملي جو خامنائي کان بدلو وٺنداسين. خامنائي بنڪرز ۾ ويهي عوام تي حملا ڪرائي رهيو آهي، اسان آيت الله خامنائي جي حڪومت کي تباهه ڪري ڇڏينداسين. اسرائيلي دفاع واري واري چيو ته تهران ۾ موجود خطري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حملن ۾ شدت جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته ايران اڄ صبح هڪ دفعو ٻيهر اسرائيلي شهرن تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 65 اسرائيلين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اسرائيلي ميڊيا به اعترف ڪيو آهي ته اهو تازي جنگ ۾ ايران جو هينئر تائين جو سڀني کان وڏو حملو آهي. انهي حوالي سان ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اڄ صبح جو ٿيل ايراني ميزائل حملن ۾ اسرائيلي فوجي ڪمانڊ ۽ انٽيليجنس هيڊ ڪوارٽر، انٽيليجنس ڪيمپ کي نشانو بنايو آهي جڏهن ته ساروڪا اسپتال کي فوجي مرڪز جي ڀرسان هجڻ جي ڪري جزوي نقصان پهتو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو