42

جسٽس سرفراز ڊوگر جي بدلي قانوني قرار، سپريم ڪورٽ ججز ٽرانسفر ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

 سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ججز ٽرانسفر ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اڪثريتي فيصلي ۾ عدالت قرار ڏنو ته جسٽس سردار سرفراز ڊوگر جي ٽرانسفر آئين ۽ قانون موجب آهي. عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽنهي ججز جي بدلي صحيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ججز بدلي کي نئين مقرري قرار نٿو ڏئي سگهجي. عدالت ججز جي سينارٽي جو معاملو صدر پاڪستان ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو. اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ججز جي بدلي جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار نه پيا ڏيون، صدر سينارٽي جي معاملي کي جيترو جلد ٿي سگهي  طئي ڪري وٺي. جيستائين صدر سينارٽي طئي نٿو ڪري، وقتي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ئي معاملن کي سنڀاليندو رهندو. اڪثريتي فيصلو سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس بلال، شاهد بلال حسن ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور ڏنو جڏهن ته جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شڪيل احمد اڪثريتي فيصلي کان اختلاف ڪيو. هوڏانهن سپريم ڪورٽ دليل مڪمل ٿيڻ کان پو ججز ٽرانسفر ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. ججز ٽرانسفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل ادريس اشرف دليل ڏيندي چيو ته عدالت آئين جي آرٽيڪل موجب تشريح ڪري، آرٽيڪل 200 ۽ آرٽيڪل 175 ۾ ٽڪراءُ آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جوڊيشل ڪميشن وٽ بدلي جو ڪوبه اختيار نه آهي جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته خالي جج جي سيٽ تي مستقل بدلي نٿي ٿي سگهي، اٽارني جنرل چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سينارٽي نمبر 3 جي جج جي انرولمينٽ اسلام آباد بار ڪونسل جي آهي. جسٽس نعيم افغان ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته ڇا ماضي ۾ ڪنهن جج جي آرٽيڪل 200 جي تحت بدلي ٿي؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ماضي ۾ ججز ٽرانسفر جي ڪابه مثال ناهي. ججز ٽرانسفر ۾ صدر ۽ وزيراعظم جو ڪردار محدود آهي، ججز ٽرانسفر جي عمل ۾ چيف جسٽس به شامل آهن. ججز ٽرانسفر جي عمل ۾ بدنيتي کي نٿو جوڙي سگهجي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته ججز ٽرانسفر جو هڪ پورو طريقو آرٽيڪل 200 ۾ ڏنو ويو آهي. اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم جي ايڊوائس ۽ بزنس رولز خلاف ڪابه استدعا ناهي ڪئي وئي. وڪيل منير اي ملڪ عدالت کي ٻڌايو ته ڪڏهن ناهي چيو ته بدلي تي آيل ججز ڊيپوٽيشن تي آهي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان جي درخواست ۾ ججز کي ڊيپوٽيشنسٽ لکيو ويو آهي ججز کي ڊيپوٽيشنسٽ ڪيئن چئي سگهجي ٿو؟ عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ ڪارروائي مڪمل ڪئي ۽ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جنهن کي اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي جاري ڪيو ويو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو