37

حيدرآباد: قاسم آباد ۾ نُنهن سان جنسي زيادتي جي الزام هيٺ سُهرو گرفتار

حيدرآباد  جي علائقي قاسم آباد ۾ پوليس   ننھن سان گھر اندر  جنسي زيادتي ڪرڻ جي الزام ۾ سُهري کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آھي. نسيم نگر ٿاڻي  تي ڳوٺ منٺار شورو جي رھواسڻ  مسمات رضوانه زال محمد خرم جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عورت جي سھري اعجاز قمبراڻي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آھي. ايس ايڇ او عبدالمالڪ ابڙو موجب عورت جو مڙس ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آھي  جوابدار گھر ۾ ننھن جي اڪيلائي جو فائدو کڻندي کيس زوري جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو آھي، جوابدار کي گرفتار ڪري فريادي عورت کي طبي چڪاس لاء ليٽر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آھي پوليس  معاملي جي وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو