شهدادپور ۾ سوائي روڊ تي پرائيويٽ اسڪول۾ تعليم پرائيندڙ نوجوان ھندو شاگردياڻي ۽ سندس ڀاء کي اسڪول جو استاد ۽ ٻيا مبينه طور اغوا ڪري فرار ڪيس داخل شهدادپور ۾ سوائي روڊ تي پرائيويٽ اسڪول۾ تعليم پرائيندڙ نوجوان ھندو شاگردياڻي ڊيشنا ٻائي ۽ سندس نوجوان ڀاء انيل ڪمار کي اسڪول جو استاد فرحان خاصخيلي ۽ ٻيا مبينه طور تي اغوا ڪري کڻي فرار ٿي ويا شھدادپور پوليس شاگردياڻي جي والدڀڳوان داس جي فرياد تي فرحان خاصخيلي، عرفان، مجيد، محمد علي، ذوالفقار خاصخيلي خلاف اھڙو اغوا جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي شھدادپور جي ديوان برادري موجب ته اسان کي شروعاتي ڄاڻ ملي ته خانگي اسڪول جو استاد فرحان خاصخيلي پنھجي ساٿين سان گڏجي اسان جي نياڻِ ڊيشنا ٻائي ۽ انيل ڪمار کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن ھنن نوجوان ناري ۽ سندس ڀاء جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آھي ٻئي طرف نوجوان ھندو ناري ڊيشنا ٻائي سندس ڀيڻ ڊاڪٽر جيا ٻائي سندس ڀاء انيل ڪمار ۽ سندن سوٽ ڪراڇي ۾ رضا خوشي سان اسلام قبول ڪري مسلمان ٿي ويا آھن جن اھڙو وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيو آھي ٻئي پاسي پرائيويٽ اسڪول مان استاد ھٿان مبينا طور اغوا ڄاڻايل 3ھندو ڀينرن ۽ سوٽ نينگر کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيڻ واري سندن وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ واري معاملي تي ھندو پئنچائت شھدادپور جو ڪٺ راجيش ڪمار ۽ سيٺ پرمانند جي اڳواڻي ھيٺ ڌرمشالا ۾ ٿيو جنھن ۾ ايس ايس پي سانگھڙ غلام نبي ڪيريو بہ شرڪت ڪري کين جلد بازيابي لاء ڀرپور يقين ڏياريو ھندو پئنچائت شھدادپور جي ڪوٺايل ڪٺ ۾ شُھر جي ھندو برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري اڄ رات8 وڳي تائين اغوا ڪيل 3 ھندو نارين ۽ ھڪ نيگر کي بازياب نہ ڪرائڻ جي صورت ۾ سڀاڻي کان ڪاروبار بند ڪري سخت احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو شھدادپور پوليس فريادي ڀڳوان داس جي فرياد تي سندس ٽن نياڻين جيا ٻائي، ديا ٻائي،شينا ٻائي، ۽ ڀائيٽيي نينگر ھني ڪمار جي اغوا جو ڪيس نجي اسڪول جي انتظاميہ ۽ استادن ذوالفقار خاصخيلي ـ فرحان خاصخيلي ـ مجيد ـ محمد علي ۽ عرفان خاصخيلي خلاف داخل ڪيو ويو ھو جنھن بعد اغوا ڄاڻايل 3 ھندو ڀينرن ۽ سوٽ ھني ڪمار جا سوشل ميڊيا تي رضا خوشي سان اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيڻ جا وڊيوز وائرل ٿيا آهن جن وڊيوز ۾ چئي رھيا آھن ته اسان کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي اسان رضا خوشي سان اسلام کي قبول ڪري مسلمان ٿيان آھيون اسان کي ھندو برادري ۽ پنهنجي والدين مان خطرو آهي اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي جڏھن تہ ھندو پئنچائت جي ڪوٺايل ڪٺ ۽ والدين 3 ھندو نارين ۽ ھڪ نينگر جي مسلمان ٿيڻ جي سوشل ميڊيا تي اھڙين جاري وڊيوز کي رد ڪندي ھندو پئنچائت جي راجيش ڪمار سيٺ پرمانند چيوتہ اسان ھندو برادري سدائين پرامن رھيا آھيون اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو اسان جون اسڪول ۾ پڙھندڙ 3 نياڻين ۽ ھڪ نينگر جيڪي اڃا بالغ بہ ناھن انھن کي اغوا ڪري وڏي ناانصافي ڪئي وئي آھي اسان جون اغوا ڪيل 3 نياڻيون ۽ ھڪ نينگر فوري بازياب ڪري ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ اسان سموري ھندو برادري پنھنجوڪاروبار بند رکي سخت احتجاج ڪنداسين جڏھن تہ ايس ايس پي سانگھڙ غلام نبي ڪيريو چيو تہ 3 ھندو نارين ۽ ھڪ ھندو نينگر جي مسلمان ٿيڻ وارين سوشل ميڊيا تي ھلندڙ وڊيوز ۾ ڪا صداقت ناھي ٽن ھندو نارين ۽ ھڪ ھندو نينگر جي بازيابي لاء ٽيمون جوڙي بازيابي لاء روانيون ڪيون آھن ڪجھ گرفتاريون بہ ڪيون آھن جلد بازيابي ڪرائينداسين جڏھن ته مبينا اغوا ڄاڻايل3 نينگرين ھڪ نينگر بابت ڪابه خبر ناھي پئجي سگھي ھئي سندس خاندان ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ ھندو پنچائت ۾ سخت تاء پڻ پکڙيل آهي,
