39

پاڪستان هميشه امن کي جنگ تي اوليت ڏني آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته بنيان المرصوص ۾ ڪاميابي امن جي سوڀ آهي پاڪستان هميشه امن کي جنگ تي اوليت ڏني آهي. سيلاني آءِ ٽي پروگرام ڪراچي جي شاگردن سان ڊي جي آءِ ايس پي آر جي خصوصي  ملاقات ٿي شاگردن طرفان ڊي جي آءِ ايس پي آر جو پرجوش استقبال ڪيو ويو. شاگردن ڊي جي آءِ ايس پي آر کان پاڪستان جي اندروني ۽ بيروني سيڪيورٽي صورتحال سميت مختلف معاملن تي سوال ڪيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اوهان ماڻهن جي ڄاڻ جنگ ۾ پاڪستان جي پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي فوج منظم ۽ پيشه ور فوج آهي جيڪا آئين جي تحت ۽ رياستي حڪمن موجب پنهنجا فرض بخوبي انجام ڏئي رهي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان خطي ۾ نيٽ ريجنل اسٽيبلائزر جو ڪردار ادا ڪندو رهندو. شاگردن جو چوڻ هو ته  پنهنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پوءِ چاهي اسان کي ڪنهن به محاذ تي پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻو پوي. پاڪ فوج اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان عوام ئي انهي جي اصل طاقت آهيون. شاگردن ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ملاقات جي تعريف ڪئي ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو ٿورو به ادا ڪيو ۽ چيو ته مستقبل ۾ به اهڙي طرح جا انٽريڪيشن ٿيڻ گهرجن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو