) راشد منهاس روڊ تي تيز رفتار ريتي سان ڀريل ڊمپر ڊبل ڪيبن گاڏي تي ڪلٽي ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ سندس ڌيءَ فوت جڏهن ته هڪ عورت ۽ ڊبل ڪيبن جو ڊرائيور زخمي ٿي پيا. حادثي کان پوءِ ڊمپر ڊرائيور هميشه جيان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. شاهراهه فيصل ٿاڻي جي حد راشد منهاس روڊ تي او ڊي جي ڀرسان ريتي سان ڀريل تيز رفتار ڊمپر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري فٽ پاٿ تي پاسي مان گذرندڙ ڊبل ڪيبن گاڏي تي ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 2 عورتون، هڪ ٻارڙي ۽ ڊرائيور دٻجي ويا. حادثي جي اطلاع ملندي ئي ڊسٽرڪٽ پوليس، ٽريفڪ پوليس، رينجرز، ڇيپا، ايڌي ۽ ريسڪيو 1122 جا رضاڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ امدادي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. حادثي سبب ملينيم مال کان شاهراهه فيصل طرف ويندڙ روڊ ٽريفڪ جي لاءِ بند ٿي ويو. جڏهن ته ٻئي روڊ تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي ويو. ڇيپا جي رضاڪارن سڀني کان پهريان گاڏي جي ڊرائيور کي ٻاهر ڪڍيو جيڪو معمولي زخمي هو جنهن کان پوءِ هڪ عورت کي سخت زخمي حالت ۾ ڪڍي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي شروعاتي طبي امداد کان پوءِ اسٽيڊيم روڊ تي واقع نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته حادثي جي 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ دير کان پوءِ ڪرين ۽ لفٽر جي مدد سان ڊبل ڪيبن گاڏي مان هڪ عورت ۽ هڪ ٻارڙي جا لاش ڪڍي ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 55 ورهين جي شاهينه نعيم جڏهن ته فوت ٿي ويل ٻارڙي جي سڃاڻپ 7 ورهين جي عائشه ڌيءِ خرم جي نالي سان ڪئي وئي. حادثي ۾ سخت زخمي ٿيندڙ عورت جي سڃاڻپ 30 ورهين جي انعم جي نالي سان ڪئي وئي. فوتي ۽ زخمين جو تعلق هڪ ئي خاندان سان ٻڌايو پيو وڃي. متاثر فيملي اسڪيم 33 سپر هاءِ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جا رهواسي آهن. ڇيپا فائونڊيشن جي ترجمان چوڌري شاهد ٻڌايو ته اربع ۽ خميس جي رات دير سان 3 وڳي حادثو پيش آيو هو اکين ڏٺين شاهدن ڇيپا جي رضاڪارن کي ٻڌايو ته فرار ٿيل ڊمپر ڊرائيور نشي ۾ لڳي رهيو هو. پوليس موجب حادثي جو ذميوار ڊمپر جو ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي.
