گرمي کان پريشان عوام کي موسميات کاتي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي، 20 کان 23 جون تائين سانوڻي جي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ هوائون داخل ٿينديون ۽ مغربي هوائن جو سلسلو به 20 جون کان ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اثر انداز ٿيڻ جو امڪان آهي. نيون هوائون داخل ٿيڻ سبب سڀاڻي کان 23 جون جي دوران ڪشمير، گلگت بلتستان، مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، جهلم، ميانوالي، سرگودها، حافظ آباد، منڊي بهاءُالدين، گجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال، لاهور، فيصل آٻاد، جهنگ، ايبٽ، آباد، مانسهره، مردان، نوشهره ڊيره اسماعيل خان ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن سان وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. 22 کان 24 جون جي دوران سکر، لاڙڪاڻو، دادو، جيڪب آباد ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ سموري ملڪ ۾ موسم خشڪ ۽ سخت گرمي رهندي، ڪشمير ۽ بلتستان ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن جيڪب آباد ۽ دادو ۾ گرمي پد 47 ڊگري، نوابشاهه ۽ سبي ۾ 46، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ 45 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. پشاور، ڊيره غازي خان ۾ 42، اسلام آباد ۾ 41، ڪوئٽه ۾ 40 ۽ ڪراچي ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
