43

اسرائيلي حملن ۾ بچي ويل خامنه اي جي خاص صلاحڪار جو بيان سامهون اچي ويو

 اسرائيلي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ايران جي سپريم ليڊر جي اعليٰ صلاحڪار علي شمخاني جي حالت هاڻي بهتر ٿي وئي آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، اسرائيلي حملي دوران سخت زخمي ٿيندڙ علي شمخاني جي حالت ۾ هوريان هوريان سڌارو اچي رهيو آهي. هڪ بيان ۾ علي شمخاني چيو آهي ”مان زنده آهيان ۽ قرباني لاءِ تيار آهيان.“ ياد رهي ته 13 جون تي اسرائيل طرفان ڪيل حملي جي پهرئين مرحلي ۾ علي شمخاني جي گهر کي به نشانو بڻايو ويو هو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو هو، ان دوران ڪجهه خبرن ۾ سندن شهادت بابت به رپورٽون سامهون آيون هيون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو