64

شهدادپور جي ٽن ڀينرن ۽ سندن ڀاءُ عدالت ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو

شھدادپور ۾ مبينا طور اغوا ڄاڻايل ٽن ھندو ڀينرن  ڊشا ڀائي ديا ڀائي  جيا ڀائي ۽ ھڪ سوٽ نينگر حني ڪمار کي پوليس جي سخت سيڪيورٽي ھيٺ سينئر سول جج شھدادپور جي معزز جج اعجاز احمد چانڊيو جي عدالت ۾ 164 جو بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش ڪيو ويو، جتي ٽن ھندو ڀينرن ۽ سوٽ نينگر  پنھنجي رضا خوشي سان 2024ع ۾ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو. عدالت ۾ 164 جي بيان ڏيندي ھنن چيو ته اسان جي مسلمان ٿيڻ جي والدين کي به خبر ھئي اسان والدين کي نه ٿا سڃاڻون اسان گوشه عافيت شيلٽر ھائوس ڪراچي ۾ وڃي رھنداسين اسان واپس اتي موڪليو وڃي، ٽئي نياڻيون ۽ نينگر پوليس جي سخت پھري ۾ ڪورٽ موجود آھن، جڏھن ته نياڻين ۽ نيگر جا والدين وارث ۽  ھندو برداري جا سوين ماڻھو ڪورٽ ۾ پھتل جڏھن ته مذھني جماعتن جا سوين اڳواڻ پڻ ڪورٽ ۾ پھتل ھئا، 164 جي اھڙن بيانن بعد  ڪورٽ ۾ گڏ ٿيل ھندو برداري پاران ڪورٽ ٻاھران سخت احتجاج ڪيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو