33

ٺڪراٺو ۾ آئي بي اي پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

2021 ۾ آئي بي اي ذريعي پي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪئي ھئي ھن وقت تائين آرڊر نه ملي سگھيا آھن
نوڪري جي حد عمر ختم ٿي رھي آھي بيروزگاري سبب پيٽ پالڻ مشڪل بڻيل آھي نوٽيس وٺي آفر آرڊر ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي: مظاهرين ٺڪراٺو(رپورٽ)ٺڪراٺو ۾ آئي بي اي پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي اميدوارن نٽھڻ اس ۾ نعريبازي ڪندي آفر آرڊر ڏيڻ جا نعرا ھنيا ٽيسٽ پاس اميدوارن نظام الدين قاضي اشفاق احمد سومرو نديم احمد مھر ۽ ٻين دانھيندي چيو ته اسان 2021 ۾ آئي بي اي معرفت پي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪئي ھئي ھن وقت تائين اسانکي آفر آرڊر نه ملي سگھيا آھن بيروزگاري سبب سخت پريشان آھيون ھنن وڌيڪ چيو ته تعلقي پني عاقل ۾ ڪيترائي اميدوار آفر آرڊر جي انتظار ۾ ويٺل آھن جڏھن ته نوڪرين جي حد عمر ختم ٿي رھي آھي احتجاج ڪندڙ اميدوارن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ ايم اين اي خورشيد احمد شاھ ۽ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان مطالبو ڪيو ته ايس ٽي آر پاليسي مطابق آفر آرڊر ڏئي نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو