38

پاڪستان فرانس کي هارائي نيشنز ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

پاڪستان ايف آءِ ايڇ نيشنز ڪپ جي سيمي فائنل ۾ فرانس کي پنالٽي شوٽ آئوٽ ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ملائيشيا ۾ جاري ٽورنامينٽ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ مقرر وقت تائين پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ مقابلو 3-3 گولن تان برابر رهيو. فرانس جي شروعاتي ٻن گولن جي سرسي باوجود پاڪستان شاندار واپسي ڪئي ۽ ٽئين ڪوارٽر ۾ لڳاتار 3 گول ڪري مقابلو برابر ڪيو. مقرر وقت تائين ميچ برابر رهڻ سبب فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ تي ٿيو، جتي پاڪستان 2-3 جي اسڪور سان فرانس کي شڪست ڏني. پنالٽي شوٽ آئوٽ دوران پاڪستان 3 گول جڏهن ته فرانس 2 گول اسڪور ڪري سگهيو، اهڙي ريت پاڪستان نيشنز ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو