44

جناح اسپتال ۾ ڪانگو وائرس جي مريض جو علاج ڪندڙ 2 ڊاڪٽرن ۾ وائرس جون نشانيون ظاهر

جناح اسپتال جي 2 ڊاڪٽرن ۾ ڪانگو وائرس جون شڪي نشانيون ظاهر ٿيون آهن. اسپتال جي ذريعن موجب جناح اسپتال جي 2 هائوس آفيسرز گذريل هفتي ڪانگو جي مريض کي طبي سهولتون ڏنيون هيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪانگو جو مريض 19 جون تي علاج دوران سنڌ افيڪشن ڊيزيز اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو. انهي حوالي سان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جناح اسپتال ڊاڪٽر شاهد رسول ٻڌايو ته ٻنهي ڊاڪٽرن کي تيز بخار ۽ پيٽ ۾ تڪليف جون شڪايتون هيون. هڪ هائوس آفيسر پنهنجي گهر جڏهن ته ٻيو جناح اسپتال جي ميڊيڪل آءِ سي يو ۾ آئيسوليٽ آهي. هن چيو ته هڪ هائوس آفيسر ۾ ڪانگو وائرس جون 90 سيڪڙو نشانيون آهن، ٻنهي ڊاڪٽرن ۾ مريض کي طبي امداد ڏيڻ جي ٻئي ڏينهن ئي نشانيون ظاهر ٿي ويون هيون، ٻنهي ڊاڪٽرن جا پي سي آر ٽيسٽ جا نمونا ليب ڏانهن اماڻيا ويا آهن جن جي ڪانگو وائرس بابت رپورٽ سومر تي ملي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ فيور ڊيسڪ قائم ڪئي وئي آهي، اسپتال ۾ وڏي پيماني تي آئيسوليشن يونٽ قائم ڪرڻ جون سهولتون نه آهن، آئيسوليشن يونٽ ٺاهڻ بابت صحت کاتي کان ايندڙ هدايتن تي عمل ڪيو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو