محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. محرم الحرام 1447 هجري جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 26 جون تي ڪوئٽه ۾ طلب ڪيو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪوئٽه ۾ طلب ڪيو ويو آهي. چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي مولانا عبدالخبير آزاد اجلاس جي صدارت ڪندو. اسلام آباد سميت زونل ڪميٽين جا اجلاس پنهنجي لاڳاپيل صوبائي هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد ڪيا ويندا. چنڊ جي رويت جو حتمي اعلان چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو.
