پاڪستان جي حڪومت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 2026 جي نوبل امن انعام جي لاءِ باضابطه طور تي نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهو فيصلو ٽرمپ جي فيصله ڪن سفارتي مداخلت ۽ تازو پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي دوران اهم اڳواڻي جي طور ڪيو ويو آهي. حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب عالمي برادري ڀارتي جارحيت جو مشاهدو ڪيو جيڪا پاڪستان جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي سنگين ڀڃڪڙي هئي، انهي جارحيت جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي معصوم حياتيون ضايع ٿيون جن ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شامل هئا، پاڪستان پنهنجي دفاع جي حق جو استعمال ڪندي آپريشن بنيان مرصوص جي تحت هڪ محدود، پڪي ۽ صحيح ڪارروائي ڪئي، جنهن جو مقصد صرف جارحيت جو جواب ڏيڻ ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪندي پنهنجي دفاع کي يقيني بنائڻ هو. اهڙي نازڪ صورتحال ۾ صدر ٽرمپ بهترين حڪمت عملي جو مظاهرو ڪندي اسلام آباد ۽ نئين دهلي سان ڀرپور سفارتي رابطا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ جنگبندي ممڪن ٿي سگهي ۽ هڪ امڪاني وڏي جنگ ٽري وئي، جيڪڏهن اها جنگ شروع ٿي وڃي ها ته انهي جا اثر ڏکڻ ايشيا ۾ ئي نه پر سموري دنيا جي لاءِ تباهي آڻيندڙ ٿي سگهيا ٿي.پاڪستان جي حڪومت انهي موقعي تي صدر ٽرمپ طرفان جمون، ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جي آڇ جي به تعريف ڪئي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام سان جڙيل آهي ۽ انهي جو حل گڏيل قومن جي قرارداد موجب هجڻ ضروري آهي. 2025 جي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ م صدر ٽرمپ جي قيادت انهي عملي سفارتي ڪردار ۽ امن قائم رکڻ جي ڪوشش کي واضح ڪيو آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته صدر ٽرمپ جي اها ڪوشش نه صرف ڏکڻ ايشيا پر وچ اوڀر ۾ به امن واستحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي جتي غزه ۾ انساني بحران ۽ ايران سان وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي فوري سفارتي قدمن جي ضرورت آهي.
