آمريڪا عالمي غنڊو، اسرائيل ان جي لونڊي آھي. ٻئي عالمي امن لاء خطرو آھن .غزہ ۽ اسرائيل تي خوني جارحيت يو اين او،عالمي قانون ۽ اين پي ٽي جي خلاف سنگين ڏوھه ء ٽين عالمي جنگ طرف ڌڪيلڻ آھي. پاڪستان اڳواڻي ڪري مسلمان ملڪن جو اجلاس سڏائي. جي يو آء سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري.جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته آمريڪا عالمي غنڊو ۽ اسرائيل ان جي لونڊي آهي، جيڪي گڏجي غزه ۽ ايران تي خوني حملا ڪري نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، پر گڏيل قومن جي ٺهرائن، عالمي قانونن ۽ اين پي ٽي جهڙن معاهدن جي به لتاڙ ڪري رهيا آهن. انهن قدمن سان دنيا کي ٽين عالمي جنگ طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هو ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ تعلقي امير ڊاڪٽر خليل احمد کوسو جي صدارت هيٺ يوسيز، ٽائونز، وارڊن جي عهديدارن ۽ چونڊيل بلدياتي نمائندن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا سليم الله بروهي، سيد محمد شاهه، مولانا عبدالمالڪ گهنيو، مير حسن ٻرڙو، قاري عبدالستار ٻرڙو، قاري عنايت الله مهر، عبدالوحيد بروهي، محمد معروف سومرو، مولانا محمد حامد بمبل ۽ ٻين به خطاب ڪندي چيو ته جي يو آء هر انسان جي ڀلائي ۽ امن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، بغير ڪنهن مذهب ۽ نسل جي جدوجھد جاري رکندي.ڊاڪٽر انصاري وڌيڪ چيو ته آمريڪا عراق، ليبيا کان پوءِ هاڻ ايران ۾ به رجيم چينج جي ناڪام ڪوششن بعد گريٽر اسرائيل جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جون ايٽمي تنصيبات به سندن نشاني تي آهن. هن زور ڀريو ته پاڪستان کي هاڻ خاموشي ختم ڪري مسلم دنيا جي اڳواڻي ڪندي مسلمان ملڪن جو گڏيل اجلاس سڏائي عالمي سطح تي اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ تباهي جو منظر وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو.
