33

آمريڪي حملي خلاف پوري طاقت سان مزاحمت ڪنداسين: ايران جو ا علان

ايران جي پرڏيهي وزارت آمريڪي فضائي حملن تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ايران اهڙين جارحانه ڪارروائين جي خلاف پوري طاقت سان مزاحمت ڪندو. نيم سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو ڪري عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته دنيا اهو نه وساري ته سفارتي عمل جي دوران سڀني کان وڏي خيانت آمريڪا ڪئي جنهن اسرائيل جي جارحيت جي حمايت ڪري ايران جي خلاف خطرناڪ جنگ شروع ڪئي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اهو واضح ٿي چڪو آهي ته آمريڪا ڪنهن به ضابطي، اخلاقيات يا عالمي اصولن جو پابند ناهي هو هڪ نسل ڪش ۽ قابض رياست جي مقصدن جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. ايراني پرڏيهي وزارت زور ڏيندي وڌيڪ چيو ته اسلامي جمهوريه ايران پنهنجي قومي مفادن ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ پوري طاقت سان آمريڪي حملن ۽ انهي جي ڏوهاري رياست جي خلاف مزاحمت جو حق رکي ٿو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو