47

آمريڪي حملي کان پوءِ ايران جو اسرائيل تي ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملو، 86 اسرائيلي زخمي

 ايران آمريڪي حملن کان پوءِ اسرائيل تي ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملو ڪيو آهي جنهن ۾ 86 اسرائيلي زخمي ٿي پيا آهن. عرب ميڊيا موجب تل ابيب سميت سموري اسرائيل ۾ جنگي سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ فضائي دفاعي نظام فعال ڪيو ويو آهي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اسرائيلي شهر حيفا تي ڪيترائي ايراني ميزائل ڪرڻ جا اطلاع آهن، تل ابيب ۾ به ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب ايران جي تازن ميزائلن حملن سبب اسرائيل جي مختلف علائقن ۾ نقصان ٿيا آهن. اسرائيلي اخبار موجب ايراني ميزائل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 86 اسرائيلي زخمي ٿي پيا، تل ابيب ۾ ايراني ميزائل حملي ۾ 2 عمارتون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون. ايراني ميڊيا موجب ايراني پاسداران انقلاب آچر جي صبح اسرائيل تي جوابي ميزائل ۽ ڊرون حملن جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو آهي، پاسداران انقلاب جي ترجمان موجب حيفا ۽ تل ابيب ۾ اسرائيل جي 14 اسٽريٽجڪ حدفن کي نشانو بنايو ويو. ترجمان موجب اهي حملا هنيئر تائين جي سڀني کان ڪامياب حملن مان هڪ آهن. ترجمان پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته حيفا ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ قادر-ايف ميزائلن سان حملو ڪيو ويو، حملي ۾ اسرائيلي فوج جي سافٽ ويئر ڪمپنين جون آفيسون، پاور پلانٽ، آئل ريفائنري، ايئربيس، اسرائيلي سائبر ڪمانڊ سميت رافائيل ايڊوانسڊ سسٽمز جي هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بنايو ويو. عرب ميڊيا موجب حملن ۾ تل ابيب ۽ حيفا سميت ڪيترن ئي اسرائيلي علائقن ۾ عمارتن کي سڌو سنئون نشانو بنايو ويو. ايران اسرائيل تي تازي ميزائل حملي ۾ 20 کان 40 بيسلٽڪ ميزائلن سان حملو ڪيو. اسرائيل جي 400 کان وڌيڪ شهرن، ڳوٺن ۽ علائقن ۾ جنگ جا سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا. ياد رهي ته آچر جي صبح آمريڪا ايران جي فردو، نطنز ۽ اصفهان ايٽمي سائٽس کي نشانو بنايو جنهن بابت ٽرمپ سوشل ميڊيا سائيٽ ٽرٿ سوشل تي بيان جاري ڪيو. انهي کان علاوه ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملي کان اڳ ئي ايٽمي ٺڪاڻن کي خالي ڪرايو ويو هو. اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيل جي 10 هنڌن تي ايراني ميزائل حملن سبب نقصان ٿيو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو