28

بنون: زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

  بنون ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس اختيارين موجب بنون جي علائقي ممنمد خيل ۾ 2 ڌرين جي وچ ۾ زمين جي مالڪي تان فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن دوران 5 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ تي پوليس جي نفري علائقي ۾ پهچي وئي، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  مارجي ويلن ۾ 3 جو تعلق هڪ ۽ ٻن جو تعلق ٻئي ڌر سان آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو