دادو ۾ 7 ڏينهن اڳ ميراڻي ۽ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو هو جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا، زخمين ۾ جمالي ڌر جو آصف جمالي جڏھن تـ ميراڻي ڌر جو مير ولد يوسف ميراڻي ۽ سندس دوست علي جان لاشاري شامل آھن. ميراڻي ڌر پاران 7 ڄڻن خلاف دادو جي سيشن جج جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، داخل ڪيل درخواست ۾ درخواستگزار توقير ميراڻي ڄاڻايو آهي ته عاطف مستوئي خلاف ڪيس داخل ڪرايل آهي جنهن مستوئي ۽ جمالي ڌر ڀاء ۽ ان جي دوست تي فائرنگ ڪري ڀاءَ ۽ ان جي دوست کي زخمي ڪيو آهي ، ايس ايڇ او بي سيڪشن پاران اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو پيو وڃي. عدالت پاران درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي درخوات ماڊل ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏي آھي،جڏهن ته دادو جي ماڊل عدالت پاران 23 جون تي دادو ايس ايس پي ڪمپلين سيل کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. لياقت جمالي جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي 9 سڃاتل ۽ 6 اڻ سڃاتلن تي ايف آء آر داخل ڪرايو ويو ٻئي طرف جمالي برادري جو به موقف سامھون آيو آھي تہ جھيڙي ۾ بہ ميراڻي ڌر آصف جمالي جي پيٽرول پمپ تي زئونر برادري جي ھڪ نوجوان کي ياري رکڻ لاء تنگ ڪيو ھو جنھن تان ھن منع ڪئي تہ ھي ھٿياربند ساڻ ڪري ٻيھر حملو ڪيو،جديد ھٿيارن سان اچي آصف جمالي تي حملو ڪري سڌيون گوليون ھنيون. ھٿيار بہ ميراڻين وٽ ھئا. ھنن پنھنجن ھمراھن کي پاڻ زخمي ڪيو آھي.
