آمريڪا طرفان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن تي مختلف ملڪن جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. سعودي عرب ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا کي انتهائي حساس حالتن ۽ بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. عالمي برادري بحران جي سياسي حل لاءِ ڪوششون وڌائي. عراق آمريڪي حملن تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ايران تي حملن سان علاقائي امن جو خطرو آهي، جڏهن ته آسٽريلوي حڪومت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي زور ڏنو آهي. هوڏانهن نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ڇڪتاڻ ۾ اضافي کان پاسو ڪيو وڃي، نيوزيلينڊ سفارتي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. ڪيوبا جي صدر ميگوئل دياز ڪانيل آمريڪي بمباري جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اها گڏيل قومن جي چارٽرڊ جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، اهو قدم انسانيت کي هڪ اهڙي بحران ۾ ڌڪي ٿو جنهن جا نتيجا انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. چلي جي صدر ايڪس تي لکيو ته چلي تازي آمريڪي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، طاقت رکڻ اوهان کي انهي جي استعمال جي اجازت نٿو ڏئي جڏهن اها کليل قانون جي ڀڃڪڙي هجي.
