سوات جي سياحتي علائقي اتروڙ شاهي باغ جي جهيل ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻن کي بچايو ويو آهي. ذريعن موجب ملاحن ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن کي سوار ڪيو هو جنهن سبب ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، فوت ٿي ويلن ۾ عورتون به شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ فيملي جو تعلق شير ڳڙهه سان آهي جهيل مان 9 لاش ڪڍيا ويا آهن. ٻئي طرف ضلعي انتظاميه جهيل ۾ ٻيڙي هلائڻ تي عارضي پابندي لڳائيندي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب ٻيڙي ۾ حفاظتي جيڪٽس به موجود نه هئا جڏهن ته ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن کي سوار ڪيو ويو هو.
