پاڪستان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي وززارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو اهي حملا اسرائيل طرفان جاري جارحيت جي تسلسل ۾ ڪيا ويا آهن جن تي پاڪستان کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي. بيان موجب حملي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو خدشو انتهائي سنگين آهي اهي حملا عالمي قانون جي مڪمل ڀڃڪڙي آهن ۽ ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر جي تحت پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي. ترجمان خطي ۾ جاري غير معمولي ڇڪتاڻ ۽ تشدد تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اها صورتحال ساڳئي طريقي سان وڌندي رهي ته انهي جا نهايت تباهي آڻيندڙ نتيجا سامهون ايندا جيڪي صرف هن خطي تائين محدود نه رهندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنائڻ تمام گهڻو ضروري آهي سمورين ڌرين کي فوري طور تي جنگبندي ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته سمورين قومن کي عالمي قانون، خاص طور تي عالمي انساني قانون جي پابندي ڪرڻ گهرجي، خطي ۾ بحران جو حل صرف ۽ صرف گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب مڪالمي ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ئي ممڪن آهي.
