اسرائيلي فوج ايران جي اوڀر اولهه وارن علائقن ۾ واقع گهٽ ۾ گهٽ 6 هوائي اڏن تي فضائي حملا ڪري 15 جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته ايراني فوج صوبي لورستان ۾ جديد اسرائيلي ڊورن ڪيرائي ڇڏيو. ايران اسرائيلي حملن کان پوءِ جوابي ڪارروائي ڪندي اسرائيل تي ميزائل فائر ڪيا آهن جنهن کان پوءِ اسرائيلي شهرن ۾ سائرن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري الجزيره موجب اسرائيلي فوج ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران اسرائيل طرفان ميزائل فائر ڪيا آجن ۽ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته جيئن ئي الرٽ ملي فوري طور تي پناهه وٺي ڇڏيو، دفاعي نظام خطري کي روڪڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب نهاريا، گشر حزيو، حيلا، ميعونا ۽ ميعيليا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ سائرن وڄڻ جا اطلاع مليا آهن. ڪالهه هڪ واقعي ۾ هڪ ميزائل پنهنجي حدف سان ٽڪرائجي ويو پر سائرن نه وڳا، اسرائيلي فوج جاچ کان پوءِ تصديق ڪئي ته اهو ميزائل ايراني هو، ڪوبه دفاعي ميزائل غلطي سان فائر نه ٿيو آهي. هوڏانهن قطري خابرو اداري موجب ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته سندن حملن ۾ ريموٽ ڪنٽرول جهازن جي ذريعي ايان جي 15 جهازن ۽ هيليڪاپٽرن کي تباهه ڪيو ويو. اهڙن حملن ۾ رن ويز، زمين اندر بنڪرز، هڪ تيل سان ڀريل جهاز ۽ ايراني حڪومت جي استعمال هيٺ ايف 14، ايف 5 ۽ اي ايڇ ون جهازن کي نقصان پهتو آهي. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي فضائيه جي جهازن سندن هوائي اڏن مان اڏام جي صلاحيت ۽ ايراني فوج جي فضائي طاقت جي آپريشن کي متاثر ڪيو آهي. ايراني تسنيم نيوز ايجنسي يزد ۾ پاسداران انقلاب جي 10 اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق پڻ ڪري ڇڏي آهي.
