28

بلوچستان جو وڏو وزير جيڪب آباد پهچي ويو، پ پ ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي ۽ خالد نواز جکراڻي سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت

بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي اوچتو جيڪب آباد پهچي ويو جتي هن پ پ ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي ۽ خالد نواز جکراڻي سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ ڪجهه نفرتون پکيڙيندڙ ماڻهو نوجوانن کي دهشتگرد بنائڻ چاهين ٿا، پر اسان  نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڪاليجن يونيورسٽين ۾ بلاول ڀٽو جي ويزن تحت بينظير اسڪالر ڏئي آڪسفورڊ يونيورسٽي جا دروازا کوليا آهن، اسان چاهيو. ٿا ته سمورا مسئلا ڳالهين سان حل ٿين پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪو هڪ به ڳالهين جي ميز تي اچڻ نٿو چاهي سرفراز بگٽي چيو ته جيڪو رياست خلاف ڪم ڪندو ان سان سختي سان پيش اچبو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردي جا حملا ۽ بلوچستان ۾ انسانيت خلاف ڪارروائين جي مذمت ڪريان ٿو. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي، بارڊر وارو علائقو هجڻ ڪري اهڙي واقعن کي رد نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته ايرانين کي پناهه ڏيڻ وفاق جو مسئلو آهي پاڪستاني قوم هن ڏکي گهڙي ۾ ايراني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، صوبائي ليول تي ايران جي باڊر تي کاڌي پيتي سميت سمورا بندوبست ڪري ڇڏيا آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو