پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف چيو آهي ته بيوه عورتن کي صرف همدردي نه، حق ۽ سهارو به ڏئي رهيا آهيون. بيوه عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ پراثر پيغام ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جو چوڻ هو ته دين اسلام بيوه عورتن کي عزت، وقار ۽ مڪمل حقن جي اوليت ڏني آهي، معاشري جي ذميواري آهي ته هو اهڙين عورتن کي اڪيلو نه ڇڏين. هن چيو ته ڪشمير، غزه ۽ هاڻ ايران ۾ جاري جنگن جي نتيجي ۾ بيوه ٿيل عورتون عالمي ضمير لاءِ هڪ چڀندڙ سوال آهي ۽ انهي جي تڪليفن کي صرف همدردي نه پر عملي سهارو تمام گهڻو ضروري آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجي ڇت پنهنجو گهر پروگرام جي تحت بيوهه عورتن ۽ سنگل مدرز کي خصوصي اوليت ڏئي رهيون آهن ته جيئن اهي باعزت زندگي گذاري سگهن، انهي کان علاوه اهڙين عورتن جي ٻارن کي(هوشيار اسڪالر شپ) پروگرام ۾ به اوليت جي بنيادن تي شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن تعليم جي رستي ۾ وڌيڪ رنڊڪون نه اچن. مريم نواز وڌيڪ چيو ته وومين پروٽيڪشن اٿارٽي سوشل ويلفيئر کاتي کي هدايت ڏني وئي آهي ته اهي بيوه عورتن جي مڪمل مدد کي يقيني بنائين ۽ انهن کي هر ممڪن سرڪاري مدد ڏين، منهنجو ارادو آهي ته پنجاب جي ڪابه بيواهه پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪري رياست کي وقت پاڻ سان گڏ بيٺل ڏسي.
