42

تيل ڪمپنين پيٽرول پمپس کي روزاني وڪرو کان وڌيڪ سپلائي ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

تيل ڪمپنين پيٽرول پمپس کي روزاني وڪرو کان وڌيڪ پيٽرول ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب تيل ڪمپنين پيٽرول پمپس تي ذخيره اندوزي جي حوصله شڪني لاءِ قدم کڻي ورتا آهن پيٽرول پمپس کي انهن جي روزاني وڪرو کان وڌيڪ پيٽرول ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شعيب خان موجب شهر ۾ پيٽرول پمپس کي طلب کان گهٽ تيل سپلائي ٿي رهيو آهي. تيل ڪمپنيون پهرين کان پندرنهن جون جي روزاني سيل کان وڌيڪ تيل نه ڏئي رهيون آهن. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سمير حسين موجب پيٽرول پمپس جيڪا سپلائي گهري رهيا آهن انهي کان 50 سيڪڙو تائين گهٽ تيل ملي رهيو آهي جنهن جي ڪري گهٽ تيل اسٽاڪ وارن پمپس تي کوٽ آهي پر ڪيترن ئي پمپس تي سپلائي معمول تي آهي. پي ايس او جي ذريعن موجب 7 ڪروڙ ليٽرز تيل کڻي ٽينڪر اڄ فجيره مان ڪراچي طرف روانو ٿيندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو