31

سيوهڻ: جيها ڏاهاڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

 سيوهڻ ۾ جھاز چونڪ وٽ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، مقتول جو مڙھ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو. قتل ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 24 ورھين جي سعيد جيھو طور ٿي جيڪو رتوديرو جو رهواسي هو، قتل ٿي ويل نوجوان سعيد جيهو ڪراچي کان رتوديرو وڃي  رهيو هو ته جهاز چونڪ بس اسٽاپ تي تاڙ ۾ ويٺل اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس  قتل ڪري فرار ٿي ويا. انهي حوالي سان ايس ايڇ او سيوهڻ ذولفقار اوڍاڻو ٻڌايو ته واقعو جيھا ۽ ڏاهاڻي برادري وچ ۾  پراڻي سگاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي،  خوني تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا 17 ماڻھون قتل ٿي چڪا آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.، جڏهن ته واقعي جي رپورٽ سيوهڻ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو