45

ٽيڪس قانون ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، صنعتي پاليسي جو جلد اعلان ڪيو ويندو: ناڻي وارو وزير

وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٽيڪس قانون ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، صنعتي پاليسي جو اعلان جلد ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب مالي سال 26-2025 جي بجيٽ تي بحث ڪندي اهم اقتصادي پاليسين ۽ ٽيڪس اصلاحات تي  خيالن جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي تقرير دوران اپوزيشن طرفان گوڙ ڪيو ويو، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون، اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي سامهون احتجاج پڻ ڪيو، جڏهن ته اسيمبلي ميمبر اقبال آفريدي جي حڪومتي ميمبر سان هاٿاپائي پڻ ٿي. انهي موقعي تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت مالي سال 26-2025 لاءِ هڪ متوازي، متوازن ۽ عوام دوست بجيٽ تيار ڪيو جنهن جو مقصد معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، ٽيڪس نظام کي جديد خطن تي استوار ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جو حل ڏيڻ آهي. هن چيو ته حڪومت ڊيجيٽائزيشن جي ذريعي ٽيڪس اصلاحات متعارف ڪرائي رهي آهي جڏهن ته ٽيڪس قانون ۾ بهتري آڻڻ تي به ڪم جاري آهي، پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪيو ويو آهي، 6 کان 12 لک روپيه سالياني آمدني تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪري صرف 1 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 32 لک روپين تائين آمدني وارن ماڻهن لاءِ به رليف تجويز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت سولر پينلز تي جي ايس ٽي جي شرح 18 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي ته جيئن قابل تجديد توانائي کي هٿي ملي، هن خبردار ڪيو ته جيڪي ماڻهو سولر پينلز جي قيمتن ۾  پاڻمرادو اضافو ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. محمد اورنگزيب ٻڌايو ته ايف بي آر کي ٽيڪس فراڊ تي گرفتاري جا اختيار محدود ڪيا ويا آهن هاڻ گرفتاري صرف 3 مخصوص شرطون پوري ٿيڻ تي ئي ممڪن ٿيندي، 5 ڪروڙ کان گهٽ  جي ڪيسز ۾ ايف بي آر وارنٽ کان سواءِ گرفتار نه ڪري سگهندي، عوام جي استحصال جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. ناڻي واري وزير اعلان ڪيو ته حڪومت بينظير هنرمند پروگرام کي مڪمل وسيلا ڏيندي ته جيئن نوجوانن کي باهنر بنائي سگهجي، ننڍن هارين کي 10 لک روپين تائين قرض ڏنو ويندو جڏهن ته ننڍن گهرن جي لاءِ 20 سالن جي قرض اسڪيم به متعارف ڪرائي ويندي. هن چيو ته حڪومت خرچن کي ڪنٽرول ۾ رکيو آهي ۽ ماحولياتي آلودگي کان تحفظ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن پارلياماني مشاورت سان گڏوگڏ عوامي مفادن جو به تحفظ بنائي سگهجي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو