36

ڄامشورو: سپر هاءِ وي تي ڄڃ سان ڀريل ڪوسٽر حادثي جو شڪار، گهوٽ فوت، عورتن، ٻارڙن سميت 15 کان وڌيڪ زخمي

 ڄامشورو ڀرسان سپرهاءوي تي ڄڃ سان ڀريل ڪوسٽر حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ فوت، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 کان وڌيڪ ڄاڃي سخت زخمي ٿي پيا جن کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.. اڄ صبح سوير ڪراچي کان نوشهروفيروز شادي ڪرڻ لاءِ ويندڙ ڄڃ سان ڀريل ڪوسٽر جو لوڻي ڪوٽ ڀرسان ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪراچي حب واسي گهوٽ عبدالله ميربحر فوت ويو جڏهن ته 15 کان وڌيڪ گهوٽ جا مائٽ ۽ ڄاڃي زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ عورتون ٻارڙا ۽ مرد شامل آهن. زخمين ۾ لياقت ملاح، غلام مصطفيٰ ميربحر، شير محمد، آدم ملاح، خادم ملاح، غلام رسول، امام خاتون، فرزانہ، زرينه، شهروز، فوزيه ۽ ڪريمه شامل آهن جن کي لمس اسپتال ڄامشورو آندو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو