37

“ڪنڌڪوٽ ضلعو ڏوھاري راڄ هيٺ: شهرين جو امن جي بحالي لاءِ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ”

ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني، ڀتاخوري، ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي تڪرارن جي ناسور ۾ ورتل عوام ڀرپور احتجاج ڪيو پر سنڌ پوليس، سنڌ حڪومت آواز ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو جنهن بعد شھري اتحاد، آل پارٽيز موومينٽ جي اڳواڻن گڏيل فيصلو ڪيو ته امن خاطر ملڪ جي راڄڌاڻي شھر اسلام آباد ۾ پريس ڪلب آڏو ڪجھ ڏينھن ڪيمپ قائم ڪئي ويندي جنهن ڪري ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، ڪشمور مان مسافر ڪوچون سان قافلا روانا ٿي ويا آهن سياسي سماجي اڳواڻن حاجي حضور بخش مغل، اڪرم باجڪاڻي، غلام مصطفي ميراڻي, مولوي خان محمد ملڪ , وڪيل فياض بجاراڻي، غلام رسول ملڪ ۽ ٻين روانگي دوران چيو ته واڳ ڌڻين کان امن امان جو مطالبو تسليم ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد وڃي رھيا آيون وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪنڌڪوٽ ضلعو مڪمل ڏوھارين جي رحم و ڪرم تي آهي جڏھن ۽ جنهن وقت چاھين ڏوھاري روڊن رستن بازارن ۾ اچي ڦرلٽ ڪري وڃن ٿا قبيلائي تڪرارن ۾ ڌريون قانون جي خوف بدران لاقانونيت جو مظاھرو ڪري بيگناهه انسانن جو قتل عام ڪن پيا، ڏوھاري گينگز سرعام واپارين کان ڀتو وصول ڪن پيا جيڪي نه ٿا ڏين ھنن جي دوڪانن ۽ گھرن تي به حملا ڪري فائرنگ ڪري خوف و حراس پکیڙي ڌمڪيون ڏين ٿا پر پوليس جو ڪو به ڪردار نه آهي قاتل گرفتار نه ٿي ڪري ڏوھارين کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي ڀتاخورن جي مڪمل ڄاڻ ھجڻ جي باوجود پوليس ھنن کي به گرفت ۾ نه آڻي سگهي آھي جنهن ڪري ڏوھ ۾ واڌ ۽ لاقانونيت جو راڄ قائم ٿي ويو آهي اسين امن جو مطالبو رکي نڪتا آيون،

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو