4

آزاد ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعظم سردار تنوير الياس پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو

 آزاد ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعظم سردار تنوير الياس پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي. سومر تي فريال ٽالپر سان آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم تنوير الياس جي ملاقات ٿي جنهن ۾ پنجاب جو  گورنر، سينيٽر سليم مانڊوي والا، ضياءَ لنجار ۽ ٻيا شريڪ هئا. زرداري هائوس جي ترجمان ومجب سردار تنوير الياس، علي شان سوني ۽ احمد صغير پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم تنوير الياس چيو ته ڪشمير ڪاز جي لاءِ پيپلز پارٽي جون ڪاوشون بيمثال آهن. انهي موقعي تي فريال ٽالپر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن کي ڀليڪار چيو.فريال ٽالپر چيو ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجندو ته آزاد ڪشمير جي بي مثال ترقي ٿيندي، والاريل ڪشمير جي ڀارت کان آزادي جو خواب حقيقت بڻجندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو