آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان کان پوءِ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جو وقت شروع ٿي ويو آهي، ايران اسرائيل تي ميزائل حملن کان پوءِ جنگبندي جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته نيتن ياهو به جنگبندي جي تجويز قبول ڪري ورتي آهي. ٽرمپ پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته ڪابه ڌر سيز فائر جي ڀڃڪڙي نه ڪري. هڪ غير امڪاني ۽ ڊرامائي اڳڀرائي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ مڪمل ۽ حتمي جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي جنهن جي تحت ايندڙ 6 ڪلاڪن ۾ ٻئي ملڪ پنهنجون عسڪري ڪارروايون روڪي ڇڏيندا. ٽرمپ اهو ڌماڪيدار اعلان پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوٿ سوشل تي ڪيو جتي هن لکيو مبارڪ هجي دنيا، ايران ۽ اسرائيل جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ٽرمپ موجب جنگبندي جي تحت شروعاتي طور تي ايران پنهنجي فوجي آپريشن کي روڪيندو جڏهن ته اسرائيل 12 ڪلاڪن کان پوءِ باضابطه طور تي ڪارروايون بند ڪندو. 24 ڪلاڪ مڪمل ٿيڻ تي انهي تاريخي جنگبندي کي عالمي سطح تي 12 ڏينهن جي جنگ جي خاتمي جي طور تي مڃيو ويندو. ٽرمپ چيو ته ٻنهي ڌرين کي چيو ويو آهي ته هو انهي عبوري مدت ۾ پرامن ۽ باعزت رويو اختيار ڪن ته جيئن ڪنهن به قسم جي اشتعال انگيزي کان بچي سگهجي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ جذباتي انداز اختيار ڪندي وڌيڪ چيو ته اها هڪ اهڙي جنگ هئي جيڪا سالن تائين هلي سگهي ٿي جيڪا وچ اوڀر کي مڪمل تباهي طرف ڌڪي ڇڏي ها پر ائين نه ٿيو ۽ نه ئي هاڻ ائين ٿيندو. هن ٻنهي ملڪن جي قيادت کي همت، استقامت ۽ دانشمندي تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته دنيا هڪ وڏي سانحي کان بچي وئي. خدا ايران، اسرائيل، وچ اوڀر، آمريڪا ۽ سموري دنيا تي رحم ڪري. آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ امڪاني جنگبندي واري معاهدي ۾ قطر اهم سفارتي ڪردار ادا ڪيو آهي. ذريعن موجب قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني انهي معاهدي کي طئي ڪرائڻ ۾ سڌو سنئون مداخلت ڪئي. برطانوي خابرو اداري موجب قطر انهي وقت ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته آمريڪا طرفان جنگبندي جي تجويز ايران تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.
