دادو شهر جي مصروف ترين علائقي ۽ ٿاڻي جي ڀرسان ڏينهن ڏٺي هٿيار بندن پريس ڪلب آڏو جاني پرنٽنگ پريس تي حملو ڪري گوليون هڻي سينيئر صحافي ۽ ٻارڙن جي حقن لاء جاکوڙيندڙ تنظيم جي ضلعي صدر نياز چانڊيو کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي جنهن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي، هٿياربندن جي شديد فائرنگ ۾ دوڪان تي ويٺل صحافي رفيق چنا به هڪ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو آھي. فائرنگ جي اطلاع تي پوليس پهتي ته هٿيار بندن ۽ پوليس وچ ۾ پڻ فائرنگ ٿي جنهن ۾ هڪ ڄڻو محمد علي خاصخيلي موقعي تي مارجي ويو آھي جيڪو ميهڙ جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو پوليس سندس قبضي مان پسٽل به هٿ ڪيو آھي زخمي نياز چانڊيو جي ڀاء پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ولي چانڊيو , امتياز چانڊيو,گل حسن چانڊيو ۽ ٻين ٻڌايو ته سماج لاء ناسور بڻيل منشيات جي واهپي خلاف رپورٽنگ ڪرڻ تان منشيات فروشن مڇرجي بيگناهه جاني پرنٽنگ پريس تي حملو ڪيو آھي جتي زخمي اسانجو ڀاء نياز چانڊيو خبرون لکي رهيو هو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ئي سمورو نقصان ٿيو آھي، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ذميوار هٿيار بندن کي گرفتار ڪيو وڃي.
