بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان ڪيريبين پريميئر ليگ(سي پي ايل) ۾ پنهنجي ٽيم ٽرنبا گونائٽ رائيڊرز(ٽي ڪي آر) لاءِ 2 پاڪستاني رانديگرن سان معاهدو ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سي پي ايل ۾ شاهه رخ خان جي فرنچائز ٽي ڪي آر سان معاهدو ڪندڙ 2 پاڪستاني رانديگرن ۾ محمد عامر ۽ محمد عثمان طارق شامل آهن. محمد عامر انهي کان اڳ به سي پي ايل جا 4 سيزن کيڏي چڪو آهي ۽ هو سي پي ايل جي 39 ميچز ۾ 18.09 جي شاندار اوسط سان 51 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي. ڊيتهه اوورز ۾ پنهنجي سوئنگ ۽ مهارت لاءِ مشهور محمد عامر بابت اميد ڪئي پئي وڃي ته هو هلندڙ سيزن ۾ شاهه رخ خان جي فرنچائز ٽرنبا گونائب رائيڊرز جي بالنگ اٽيڪ کي مضبوط بنائيندي نوجوان رانديگرن لاءِ هڪ مثال بڻجندو. ٻئي طرف آف اسپنر محمد عثمان پهريون ڀيرو ويسٽ انڊين گرائونڊز ۾ ڊيبيو ڪندو. عثمان طارق پي ايس ايل 2025 ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي لاءِ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري چڪو آهي هن پي ايس ايل جي تازي سيزن دوران صرف 5 ميچز ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. ياد رهي ته شاهه رخ خان اداڪاري سان گڏوگڏ رانديگرن ۾ دلچسپي رکڻ سبب سموري دنيا ۾ ڪيترين ئي ڪرڪيٽ فرنچائزز جو مالڪ آهي. ٽرنبا گونائٽ رائيڊرز(ٽي ڪي آر) ڪيريبين پريميئز ليگ جي مضبوط ٽيمن مان هڪ آهي جنهن سبب اها ٽيم 4 ڀيرا ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي. ٻئي طرف محمد عامر سميت پاڪستان جي سمورن رانديگرن لاءِ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي) ايل ۾ شموليت تي اڃان تائين پابندي لاڳو آهي.
4