“دھابيجي تي 9 ڪلاڪن جو شٽ ڊائون — ڪراچيءَ کي پاڻي جي فراهميءَ ۾ وڏو بحران!”

ترجمان ڪي اليڪٽرڪ موجب، 4 آگسٽ سومر ڏينهن ڌابيجي سب اسٽيشـن ۽ گرڊ اسٽيشـن تي ضروري مينٽيننس جو ڪم ڪيو ويندو، جنهن سبب ڌابيجي جا 22 مان 4 پمپنگ اسٽيشنز بند ڪيا ويندا ترجمان جو چوڻ آهي ته هي شٽ ڊائون واٽر بورڊ جي مشاورت سان ڪيو پيو وڃي، ۽ بجليءَ جي بهتر فراهميءَ لاءِ اهو مينٽيننس ڪم ضروري آهي. ڪي اليڪٽرڪ جو عملو واٽر بورڊ جي نمائندن سان مڪمل رابطي ۾ آهي ٻئي طرف، واٽر ڪارپوريشن ترجمان چيو آهي ته بجليءَ جي بندش جو دورانيون صبح 10 وڳي کان شام 7 وڳي تائين، يعني 9 ڪلاڪ ٿيندو. ان شٽ ڊائون سبب شهر کي پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ 100 ملين گيلن جي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي ان جي نتيجي ۾، لانڍي، ڪورنگي، شاهه فيصل ڪالوني، بن قاسم، ڊي ايچ اي ۽ نارتھ ناظم آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.

پنھنجي راءِ لکو