هاڻي هي IPO، 4 آگسٽ کان مرحليوار طريقي سان عام ماڻهن لاءِ کوليو پيو وڃي، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان ماڻهو سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، جن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا رهائشي ۽ ڪمرشل صارف پڻ شامل آهن هن وقت IPO بليڪ آئوٽ مرحلي ۾ آهي، جنهن دوران صرف انفرادي سيڙپڪار حصو وٺي سگهن ٿا۔ 18 آگسٽ 2025 کان پوءِ، IPO سڀني سيڙپڪارن لاءِ موجود هوندو، جن ۾ ايسٽ مينيجمينٽ ڪمپنيون به شامل آهن هي جديد مالي پراڊڪٽ پاڪستان جي ڪارپوريٽ سُڪوق مارڪيٽ ۾ هڪ نئون سنگ ميل آهي ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (SECP) ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (PSX) جي ويزن مطابق آهي، جيڪي سيڪنڊري ڪئپيٽل مارڪيٽ کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ڪي اليڪٽرڪ جي چيف فنانشل آفيسر محمد عامر غازياني چيو ته: “ڪي اليڪٽرڪ ڪارپوريٽ اجرائن جي حيثيت سان سُڪوق اجرا ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي 2014 ۾ ڪمپني ڪاميابي سان 6 ارب رپين جا ‘KE AZM سرٽيفڪيٽ’ جاري ڪيا، جيڪي ريٽيڊ، لسٽڊ ۽ محفوظ شرڪت المُلڪ سُڪوق هئا2020 ۾، ڪمپني 25 ارب رپين جو سڀ کان وڏو ڊگهي مدي وارو لسٽڊ سُڪوق جاري ڪيو۔ جنوري 2022 کان وٺي، ڪي اليڪٽرڪ 33 شارٽ ٽرم پرائيويٽلي پليسڊ شرڪت العقد سُڪوق جاري ڪري چڪو آهي ته جيئن ڪمپني جي روزاني هلندڙ خرچن لاءِ پئسا حاصل ڪري سگهجن هن وڌيڪ چيو ته: “هاڻ هي نئون رِٽيل سُڪوق اسان جي مالي جدت ۽ ڪئپيٽل مارڪيٽ ۾ شراڪت جو ٻيو وڏو مثال آهي۔ ان جي جوڙجڪ ۽ شريعت سان مطابقت بابت HBL شريعت بورڊ، اساس شريعت ايڊوائزري سروسز ۽ مفتي علي اصغر سميت ٽن ڌار ڌار شريعت بورڊز کان منظوري حاصل ڪئي وئي آهي۔ انهن شريعت ماهرن پڪ ڪئي آهي ته هي سُڪوق مڪمل طور اسلامي اصولن سان هم آهنگ آهي، جيڪو ڪي اليڪٽرڪ جي سود کان پاڪ مالي حلن جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو عامر غازياني وڌيڪ چيو: “ڪي اليڪٽرڪ جو رٽيل سُڪوق انهن ماڻهن لاءِ هڪ پرڪشش سيڙپڪاري جو موقعو آهي، جيڪي قرضي مارڪيٽ مان بهتر منافعو ۽ ٽيڪس فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا هن سُڪوق ۾ هڪ خاص خوبي اها آهي ته رهائشي ۽ ڪمرشل صارف پنهنجو مهيني منافعو سڌو سنئون بجلي جي بل مان گهٽائي سگهن ٿا شرڪت العقد جي اسلامي ڍانچي جي ذريعي، سُڪوق جا سيڙپڪار سڌو سنئون ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي فراهمي سان لاڳاپيل ڪاروبار ۾ حصيدار ٿي سگهن ٿا۔
